موسميات کاتي پاران سڄي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي پنج کان اٺ آڪٽوبر تائين اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بارساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي طرفان جري ڪيل نئين موسمياتي ايڊوائزري موجب، پنج آڪٽوبر کان ملڪ جي اترين علائقن ۾ اولهندي هوائن جو سلسلو داخل ٿيندو، پنج کان اٺ آڪٽوبر دوران چترال، دير، سوات، شانگلا، مالاڪنڊ، صوابي ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان پنج کان ست آڪٽوبر دوران مردان، ڪرم، اورڪزئي، ڪوهاٽ، هنگو ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، پنج کان ست آڪٽوبر تائين مري، گليات، گجرات، وچ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ ڪڪر وسندا.
ان کانسواءِ ست آڪٽوبر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، جڏهن ته پنج کان اٺ آڪٽوبر دوران ڪوئيٽا، زوب، لسٻيلي ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.