اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملائيشيا جو وزيراعظم هتي موجود آهي، پي ٽي آءِ پنهنجو احتجاج ملتوي ڪري، ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم توهان وٽ هجي ۽ توهان چئو ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪنداسين، اهو ٺيڪ ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي پروٽوڪول ۾ ڪا گهٽتائي اچڻ نه ڏينداسين، اسان اهڙي طريقي سان ڪنهن به جلسي جي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن ملڪ جو سربراهه شهر ۾ موجود هجي ۽ توهان شهر تي ڪاهه ڪيو ته توهان ڪنهن جي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو؟ ڀارتي وزيراعظم لاهور ۾ هو ۽ هڪ ننڍو واقعو ٿيو، اهو اڄ تائين اسان کي خراب ڪندو آهي.
هن چيو ڪو ڊي چوڪ تي اچڻ جي ڳالهه ڪري ۽ هٿ چڙهي ويو ته ان سان ڪا نرمي نه ٿيندي، ڪي پي جي وڏي وزير کي اهڙا بيان ڏيڻ نٿو سونهي، جيڪڏهن اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندو ته اسان بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، اسان خبردار ڪري رهيا آهيون، پوءِ ميار نه ڏجو.
سندس چوڻ هو ته سعودي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان آرمي کي اسلام آباد ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي هر صورت ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻي آهي، سياسي ڪارڪن سڀاڻي نڪرڻ کان اڳ 10 ڀيرا سوچين، پوءِ اسان کي نه چئجو، اسان 17 آڪٽوبر تائين حڪمت عملي جوڙي آهي.
Next Post
You might also like