ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث 18 جوابدار 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث 18 جوابدارن کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
عمرڪوٽ ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث 18 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ نامزد مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نور حسن سميت ٻين کي عدالت 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته عمرڪوٽ پوليس ڪيس مقتول جي مائٽ ابراهيم ڪنڀر ايڊووڪيٽ جي فرياد تي داخل ڪيو آهي.

You might also like