سنڌ حڪومت جو تحفو، ڪراچي ۾ هڪ ٻي سرڪاري يونيورسٽي جو قيام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪياماڙي ضلعي جي عوام کي يونيورسٽي جو تحفو ڏئي ڇڏيو.
هاڪس بي واري هنڌ 200 ايڪڙن تي يونيورسٽي ٺاهڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي ۾ يونيورسٽي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جو ڪياماڙي ڪيمپس هوندي.
ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي جي صدر ايم پي اي لياقت اسڪاڻي چيو ته پ پ جهالت جي اونداهين ۾ علم جو ڏيئو ٻارڻ جو واعدو پورو ڪيو، يونيورسٽي لاءِ زمين جي ماپ جو ڪم بورڊ آف روينيو ۽ سروي ڊپارٽمينٽ مڪمل ڪري ورتو.
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اهو ڪياماڙي جي عوام لاءِ عظيم تحفو آهي، يونيورسٽي سان پٺ تي پيل علائقي جا هزارين نوجوان تعليم حاصل ڪري سگهندا.
سندس چوڻ هو ته اسان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ يونيورسٽين بابت وزير محمد علي ملڪاڻي جا به ٿورا مڃون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.