اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي آفيشل يوٽيوب چئنل تي وزيراعظم شهباز شريف نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان خطاب گڏيل قومن جي آفيشل يوٽيوب چئنل تي عالمي اڳواڻن جي تقريرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو.
گڏيل قومن جي اداري سينٽر فار پبلڪ اوپينين ريسرچ جي انگن اکرن موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان وزيراعظم جو خطاب هڪ لک 37 هزار ماڻهن ڏٺو ۽ ائين هو سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ عالمي اڳواڻ بڻجي ويو.
انگن اکرن موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جو خطاب هڪ لک هڪ هزار، چين جي پرڏيهي وزير وينگ يي جو خطاب 81 هزار ماڻهن، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جو خطاب 51-51 هزار ماڻهن ڏٺو.
Next Post
You might also like