ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جلسو ڪرڻ هر پارٽي جو حق آهي پر انهن جو وڏو وزير ڇا ڪري رهيو آهي؟
آئيني ترميم تي ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، پنهنجو مسودو شامل ڪرائڻ چاهيندو هوندو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت به حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، حڪومت جڏهن چاهي ترميم ڪري سگهي ٿي، عدالتي سڌارا ضروري آهن.
You might also like