”وزيراعظم طرفان فلسطينين جي حمايت تي پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي تڪليف پهتي آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي ڌمڪي 9 مئي ورجائڻ جو اعلان آهي.
علي امين گنڊاپور جي گولي هلائڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي حڪومت هلائڻ جي لائق ناهي، ڪي پي جو وڏو وزير گارين مان هاڻ گولين تي هلي پيو آهي، ان سان هو ڪنهن ٻئي جو نه پنهنجو نقصان ڪندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو بيان، ڪو قدم ۽ ڪو رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي، هن ڪڏهن نه چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار ۽ معاشي بهتري جي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو آڻيو.
سندس چوڻ هو پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف آهي ته پاڪستان معاشي بحالي ڏانهن ڇو وڌي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف پهتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.