اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي لاءِ بيٺو آهي.
هڪ بيان ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ اسرائيلي ڪارروائين جي مذمت ڪري ٿو، حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جو قتل خطي جي عدم استحڪام ۾ وڏي واڌ آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي لاءِ بيٺو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل کي خطي ۾ جارحيت کان روڪي، سلامتي ڪائونسل اسرائيل کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته آبادين تي حملا ۽ عالمي قانونن جي پامالي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، اسرائيل لبنان جي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ۾ مصروف آهي.
Next Post
You might also like