عمران خان خلاف 3 نوان ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پوليس گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي لياقت باغ مري روڊ تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ تي پي ٽي آءِ باني خلاف 3 نوان ڪيس داخل ڪري ورتا.
عمران خان خلاف دهشتگردي ايڪٽ 7 اي ٽي اي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيسن ۾ علي امين گنڊاپور کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن موجب اڳوڻي وزيراعظم اڊيالا جيل مان احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ ڪارڪنن کي قومي ادارن خلاف اڪسايو.
نوان ڪيس نيو ٽائون ۽ سول لائن ٿاڻن تي داخل ڪيا ويا، جن ۾ قتل جي قدم ۽ دهشتگردي جا قلم، جڏهن ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.