چيمپيئن، چيمپيئن گيت ڳائيندڙ، ويسٽ انڊين هيرو ” ڊي جي براوو “هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائر

2012 ۽ 2016 ۾ ورلڊ ڪپ فاتح ويسٽ انڊين ٽيم جو حصو رهندڙ ڊي جي براوو هر طرز جي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي آل رائونڊر ڊيوائن براوو جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ ڪرڪيٽ ڪيريئر پڄاڻي تي پهچي ويو.
براوو 2021 ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو جنهن کانپوءِ هو دنيا جي مختلف ليگز ۾ حصو وٺي رهيو هو، 2023 ڻ گب انڊين پريميئر ليگ تان به رٽائرمينٽ ورتي هئي.
براوو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيريبئين پريميئر ليگ دوران گروئن انجري جو شڪار ٿي ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو هو جنهن بعد هن هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
براوو پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي هڪ ڊگهي پوسٽ ذريعي اعلان ڪيو ته اڄ اُهو ڏينهن آهي جڏهن مان ان شاندار راند کي الوداع چئي رهيو آهيان جنهن مون کي سڀ ڪجهه ڏنو.
هن چيو ته پنجن ورهين جي عمر ۾ پتو پئجي ويو هو ته بس ڪرڪيٽ ئي کيڏڻ چاهيان ٿو، مون کي ڪنهن شئي ۾ ڪائي دلچسپي نه هئي، مون سڄي زندگي هن راند کي ارپي ڇڏي.
اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته ڪرڪيٽ منهنجي خوابن کي ساڀيان جو روپ ڏنو، اهڙا خواب جيڪي مون پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڏٺا هئا.
هن چيو ته 21 سال پيشيوراڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ هڪ يقين نه ڪرڻ جوڳو سفر آهي، ڪيئي لاها چاڙها آيا، دماغ وڌيڪ کيڏڻ جو ارادو رکي ٿو پر جسم وڌيڪ انجريز، تڪليف برادشت نٿو ڪري سگهي، انڪري ڏکويل دل سان، باظابطا طور هن راند تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيان ٿو.
براوو پنهنجي ڪيريئر دوران هر وقت سپورٽ ڪرڻ تي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا، ڊي جي براوو هاڻ مختلف ليگز ۾ مينٽور جي ڪردار ۾ نظر ايندو.
پنهنجي 21 سالا ڪيريئر دوران ڊي جي براوو ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪندي چاليهه ٽيسٽ ميچن ۾ 2200ٺاهيون ۽ 86 وڪيٽون ورتيون، 164 ون ڊي ميچن ۾ 2 هزار 9 سئو 68 رنسون اسڪور ڪرڻ سان گڏ 189 شڪار ڪيا جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 91 ميچون کيڏيون جنهن ۾ 1255 رنسن سان گڏ 78 وڪيٽون پڻ ورتيون.
براوو کي پنهنجي پسنديدا فارميٽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 631 وڪيٽون وٺڻ جو انوکو اعزاز پڻ حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.