بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو، حزب الله پنهنجي سربراهه جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج هڪ ڏينهن اڳ لبنان جي شهر بيروت ۾ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته لبناني حريت پسند تحريڪ حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله شهيد ٿي ويو آهي.
حزب الله طرفان سربراهه جي شهادت جي فوري طور تصديق نه ڪئي وئي هئي پر هاڻ حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي.
You might also like