بهترين زندگي گهارڻ لاءِ دنيا جي ٽاپ ملڪن جي فهرست جاري

بهتر زندگي گهارڻ لاءِ دنيا جو بهترين ملڪ ڪهڙو آهي؟ ان سوال جو جواب هڪ نئين رپورٽ ۾ ڏنو ويو آهي.
يو ايس نيوز اينڊ رولڊ رپورٽ طرفان زندگيءَ جي معيار جي حوالي سان بهترين ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
89 ملڪن تي ٻڌل ان فرهست ۾ تحفظ، آمدني، سياسي استحڪام، تعليمي نظام، طبي نظام، جاب مارڪيٽ، مهانگائي ۽ ٻين پهلوئن کي نظر ۾ رکندي درجابندي ڪئي وئي.
ان مقصد لاءِ 22 مارچ کان 23 مئي 2024ع تائين سڄي دنيا ۾ 17 هزار ماڻهن کي هڪ سروي جو حصو بڻايو ويو.
رينڪنگ موجب، بهتر زندگي گهارڻ لاءِ دنيا جو بهترين ملڪ ڊئنمارڪ آهي جيڪو 2023ع ۾ چوٿين نمبر تي هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊئنمارڪ اهڙو ملڪ آهي جتان جي شهرين کي اعلي معياري زندگي جا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن.
ان ملڪ ۾ علاج جون سهولتون مفت دستياب آهن، ٻارن جي سار سنڀال بابت سروسز ۾ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي آهي جڏهن ته يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي فيس ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي.
ان کان اڳ ڊئنمارڪ کي پرڏيهه ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ به دنيا جو بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو هو.
جولاءِ 2024ع ۾ انٽر نيشن جي سروي ۾ چيو ويو هو ته ڊئنمارڪ ۾ ڪم ڪندڙ چوراسي سيڪڙو پرڏيهي زندگي ۽ روزگار وچ ۾ توازن مان مطئمن آهن.
ڊئنمارڪ کانپوءِ معياري زندگي جي حوالي سان ٻيو بهترين ملڪ سوئيڊن قرار ڏنو ويو آهي جيڪو گذريل سال پهرئين نمبر تي هو جڏهن ته ٽيون نمبر سوئيٽرزلينڊ جي حصي ۾ آيو.
رينڪنگ ۾ ناروي، ڪئناڊا، فن لينڊ، جرمني، آسٽريليا، نيڌرلينڊز ۽ نيوزيلينڊ ترتيبوار چوٿين کان ڏهين نمبر تي رهيا.
بهترين زندگي گهارڻ لاءِ جپان کي ايشيا جو بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو جيڪو مجموعي طور تي 14 هين نمبر تي موجود آهي.
ايشيا جو ٻيو بهترين ملڪ سنگاپور رهيو جيڪو ان فهرست ۾ 23 هين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۽ چين 25 ۽ 26 هين نمبر تي رهيا.
رينڪنگ ۾ گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي) کي وچ اوڀر جو بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو جيڪو ان فهرست ۾ 27 هين نمبر تي رهيو، ان کانسواءِ قطر 28 هين ۽ سعودي عرب 31 هين پوزيشن ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.