پاڪستان کي آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي پهرين قسط ملي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) قرض پروگرام جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان ست ارب ڊالر تي ٻڌل 37 مهينن جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي جي منظوري کانپوءِ اڄ آءِ ايم ايف وٽان 1 ارب ٻه ڪروڙ 69 لک ڊالرز جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اِها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾جمع ڪئي ويندي جيڪا خميس ٽي آڪٽوبر 2024 تي جاري ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ست ارب ڊالرز جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏني هئي.
ذريعن موجب، قرض پروگرام تحت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، جنهن تحت آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته پاڪستان اين ايف سي ايوارڊ فارمولي تي نظرثاني ڪندو ۽ آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن جا خرچ به مانيٽر ڪندو.
آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي سخت شرطن ۾ اهو به شامل آهي ته مستقبل ۾ پنجاب حڪومت جيان بجلي اگهن تي رليف نه ڏنو ويندو ۽ پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام دوران ضمني گرانٽس جاري نه ڪندو.
پاڪستان زرعي شعبي، پراپرٽي سيڪٽر ۽ ريٽيل سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻيندو، وفاق ۽ صوبن ۾ نئون نيشنل فنانس معاهدو ڪيو ويندو، جنهن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پاڪستان توانائي شعبي کي جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ سبسڊي نه ڏيندو، بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ سڌارا آندا ويندا، حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ گڏيل پيڪيج آڻيندي ۽ غذائي جسن جا امدادي اگهه مقرر نه ڪيا ويندا، گڏوگڏ واقي حڪومت جي ڍانچي کي گهٽ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.