ڪوششن باوجود ننڊ نه اچي ته ڇا ڪجي؟ ماهرن مسئلي جو حل ٻڌائي ڇڏيو

دنيا ۾ سوين ماڻهو ننڊ کي معمولي سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، توڙي جو انهن جو جسم پاڻ به ننڊ لاءِ ڪم ڪندو آهي.
صحت جي ماهرن موجب ننڊ کي نظرانداز ڪرڻ يا وري جن کي ننڊ ناهي ايندي، اهڙا ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي موقعن تي ماڻهو پاڻ ناهن سُمهندا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي ننڊ ئي ناهي ايندي يا وري انهن کي سمهڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
صحت جي ماهرن موجب ننڊ بابت مسئلن جو هڪ سبب جسم ۾ ميلاٽونين جي گهٽ پيداوار ٿي سگهي ٿي.
ميلاٽونين دماغ جي گلينڊ مان نڪرندڙ هڪ هارمون آهي، جيڪو اونداهيءَ ۾ ننڊ جي جذبن کي اُڀاريندو آهي ۽ اڌ رات تقريبن 2 وڳي عروج تي هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني جسم ۾ ٺهندڙ اهو هارمون اسان جي ننڊ جي سڀني مرحلن جو ذميوار هوندو آهي ۽ اهو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ رات جو ٺهندو آهي.
رپورٽن موجب انساني جسم ۾ ڏينهن جي روشني ۾ اهو عمل رُڪجي ويندو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ميلاٽونين هارمون دماغ کي ڏينهن ۽ رات جي حوالي سان سگنلز موڪليندو آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان جي عمر وڌڻ سان ان جي جسم ۾ ميلاٽونين جي پيداوار گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، ننڍپڻ ۾ ان هارمون جي پيداوار عروج تي هوندي آهي، جيڪا عمر وڌڻ سان گهٽجندي آهي ۽ 30 سالن کانپوءِ اها انساني جسم ۾ اڌ کان به گهٽجي ويندي آهي، ان جي ڪري ڪيترائي ماڻهو 30 سالن کانپوءِ گهڻي دير تائين ناهن سمهي سگهندا.
ماهرن موجب ننڊ جي کوٽ جو شڪار ماڻهو پستا، بيضا ۽ مڇي کائي سگهن ٿا، ڇو ته انهن ۾ ميلاٽونين هوندو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان دوائن جو استعمال به ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.