راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نئين توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ ڪئي، جنهن ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل جا ضمانت جي درخواستن تي دليل مڪمل ٿي ويا، جڏهن ته ايف آءِ اي وڪيل ڇنڇر کان ضمانت جي درخواستن تي پنهنجا دليل شروع ڪندو.
ٻڌڻي دوران جوابدارن طرفان سلمان صفدر ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي طرفان ذوالفقار عباس نقوي ۽ عمير مجيد ايڊووڪيٽ ليگل ٽيم سان گڏ پيش ٿيا.
ان موقعي تي جوابدارن پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي اڊيالا جيل ۾ قائم خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
Next Post
You might also like