ٽيڪنالاجي ڪمپني اسپيس ايڪس جي باني ۽ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ايڪس تي ايلون مسڪ جي فين ڪلب اڪائونٽ طرفان جارجيا ميلوني ۽ ايلون مسڪ جي تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻئي هڪٻئي کي ڏسي رهيا آهن.
”ٽيسلا اونرز سيليڪون ويلي“ نالي اڪائونٽ تان شيئر ٿيندڙ ان تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ پڇيو ويو ته ڇا توهان کي لڳي ٿو ته اهي ڊيٽ ڪندا؟
فين ڪلب اڪائونٽ جي ان پوسٽ تي واهپيدار تبصرا ڪري رهيا هئا ته ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ پاڻ ئي وضاحتي ڪمينٽ ڪيو ته ”اسان ڊيٽ نه پيا ڪيون“.
ايڪس تي هڪ ٻئي واهپيدار طرفان به ايلون مسڪ جي جارجيا ميلوني سان گڏ تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن تي جواب ڏيندي ايلون مسڪ چيو ته مان اتي پنهنجي ماءُ سان گڏ موجود هيس، وزيراعظم ميلوني سان ڪو رومانوي تعلق ناهي.
واضح رهي ته ايلون مسڪ ۽ جارجيا ميلوني وچ ۾ لاڳاپن جا افواهه ان وقت سامهون آيا، جڏهن ايلون مسڪ نيو يارڪ ۾ هڪ ايوارڊ تقريب دوران جارجيا ميلوني جي تعريف ڪئي هئي.
You might also like