ايم ڊي ڪيٽ امتحان خلاف شاگرد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڊي ڪيٽ ۾ فيل شاگرد امتحان خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويا.
هاءِ ڪورٽ پهچندڙ شاگردن موقف اختيار ڪيو ته جڏهن پيپر اسان جي سامهون آيو ته اهو ڏسي پريشان ٿي وياسين، پرچي ۾ 20 کان وڌيڪ سوال اهڙا هئا، جيڪي نصاب کان ٻاهر جا هئا.
ايم ڊي ڪيٽ ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن ٻڌايو ته انهن جا والدين جڏهن يونيورسٽي ويا ۽ معاملو اٿاريو ته وائس چانسلر صاحب پوئين در مان نڪري ويو ۽ پوليس به گهرائي وئي.
شاگردن موجب پوليس اسان کي گهيري ورتو، توڙي جو اسان ڪجهه نه ڪيو هو، ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ٻيهر ورتو وڃي.
ان کان اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ خلاف احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته 22 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي داخلا ٽيسٽ تي شڪ شبهن جو اظهار ڪيو ويو هو.
سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحانن ۾ هڪ لک 60 هزار اميدوارن شرڪت ڪئي هئي ۽ 50 کان وڌيڪ شاگردن تي نقل جي الزامن تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ٻن شاگردن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.