اڄ ڏوهن جو اعتراف ڪيون ته آخرت جي سزا کان بچنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اڄ ڏوهن جو اعتراف ڪنداسين ته آخرت جي سزا کان بچنداسين.
وراثتي ملڪيت جي منتقلي جي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران عدالت بيواهه شميم اختر کي فوري طور وراثتي ملڪيت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سپريم ڪورٽ ڪوڙين شاهدين ۽ بوگس ڪيس تي مخالف ڌر تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته 3 مهينن ۾ ڏنڊ ڀريو.
چيف جسٽس چيو ته ڏنڊ نه ڏيڻ تي روينيو کاتو ملڪيت مان ريڪوري ڪندو، وراثت جي سادي ڪيس کي ڏکيو بڻايو ويو، عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ جو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي.
قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪوڙيون شاهديون ڏيڻ تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، 26 سالن کان ڪيس هليو، چاهيون ٿا ته بيواهه ج حق ماري وڌيڪ ڏوهه نه ڪيو وڃي.
هن چيو ته جيڪو چاهي ٿو ملڪيت ڦٻائي ٿو ڇڏي، وڪيلن کي به اهڙا ڪيس نه کڻڻ گهرجن.
واضح رهي ته شميم اختر جو مڙس مهربان 1998 ۾ فوت ٿيو هو، مهربان جي ٻي زال اڪسر جان جي ڀائٽين ملڪيت تحفي ۾ ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.