آئيني ترميمن تي پ پ جو موقف واضح آهي: شازيا مري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته آئيني وفاقي عدالت جو قيام ضروري آهي، آئيني ترميمن تي پ پ جو موقف واضح آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته تجويزون ضرور ڏيو پر رڳو مخالفت نه ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ انصاف لاءِ 45 سال لڳي ويا، عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسان جي سوچ ڪنهن به شخص سان جڙيل ناهي، پ پ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪجهه شخصيتن لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته آئيني عدالت ٺاهڻ تمام ضروري آهي، هڪ سياسي جماعت جج صاحب کي تڪراري بڻائي رهي آهي، آئيني عدالت تي تحريڪ انصاف وٽ ڪا تجويز آهي ته ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.