نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس سدائين لبنان سان گڏ بيٺو رهيو آهي ۽ اڳتي به حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي فرانسيسي صدر لبنان جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.
ميڪرون جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن هلندڙ هفتي لبنان جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس شيڊيول آهي.
فرانسيسي صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي اهم قرار ڏيندي چيو ته لبنان جي صورتحال فرانس لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي.
You might also like