پنجاب ۾ اچي قانون ٽوڙيندئو ته منهن ٽوڙ جواب ملندو: مريم نواز جي گنڊاپور کي تنبيهه

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته پنجاب قانون تحت هلندو آهي، هتي اچي قانون ٽوڙيندئو ته منهن ٽوڙ جواب ملندو.
فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته انهن جا پنهنجا ٻار ٻاهر ويٺا آهن، انهن کي هتي نٿا آڻين، وڏو وزير ٻئي صوبي تي حملا ڪري، هٿيار کڻي ۽ گاڏي جا شيشا ٽوڙي عوام کي ڪهڙو درس ڏئي رهيو آهي؟
هن چيو ته پنجاب جي عوام کي دهشتگرد بڻائڻ چاهيو ٿا، مريم نواز ائين ٿيڻ نه ڏيندي، پنجاب قانون تحت هلندو آهي، پنجاب جي سرحد ۾ اچي قانون ٽوڙيندئو ته منهن ٽوڙ جواب ملندو.
سندس چوڻ هو ته توهان جي صوبي جو عوام رُلي رهيو آهي ۽ توهان عياشي پيا ڪيو، اڄ هتي جلسو، سڀاڻي ٻئي هنڌ جلسو، رڳو جلسا ڪندئو ته ڪم ڪڏهن ڪندئو؟
مريم نواز چيو ته اسان بجلي جي مد ۾ رليف ڏنو ته توهان کي مرچ لڳي ويا، توهان جي صوبي جا ماڻهو بُک مري رهيا آهن، توهان ٻين صوبن تي ڪاهه ڪري رهيا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.