ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور اداڪارا ۽ سياستدان ارميلا مٽونڊڪر شادي جي 8 سالن کان پوءِ پنهنجي مڙس محسن اختر کان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس رپورٽ موجب، اداڪارا ارميلا في الحال مڙس کان عليحدگي جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي جڏهن ته ٻين رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جوڙي ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي جي عدالت ۾ ارميلا ۾ مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ دخواست داخل ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ارميلا محسن کان طلاق وٺڻ جو ڪارڻ فلمي دنيا ۾ واپسي بابت ٻڌايو پيو وڃي.
ادارڪارا ارميلا ۽ محسن طرفان ان معاملي جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي
ميڊيا رپورٽ موجب، محسن اختر پنهنجي گهر واري کي طلاق ڏيڻ لاءِ راضي ناهي، پر ادارڪارا ارميلا جي فلمي دنيا ۾ واپسي بابت فيصلو نه ڪري سگهي آهي.
ياد رهي اُرميلا ڪشمير سان واسطو رکندڙ هڪ مسلمان نوجوان محسن اختر سان فيبروري 2016ع ۾ شادي ڪئي هئي.
You might also like