ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
درخواست ۾ وفاق، ڪابينا سيڪريٽري ۽ پارلياماني معاملن جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلي ۾ آرڊيننس لاءِ 3 شرط طئي ڪيا هئا، هن وقت ملڪ ۾ ڪا آفت آهي نه ڪا ايمرجنسي، پارليامينٽ جي موجودگي باوجود آرڊيننس آڻڻ غير آئيني آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم بابت فيصلي ۾ چيف جسٽس ڪميٽي جي قيام جي تائيد ڪئي هئي، چيف جسٽس لکيو ته ماسٽر آف دي روسٽرم جو ڪردار ختم ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي ترميم نٿي ڪري سگهجي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميم لاءِ آرڊيننس بدران پارليامينٽ ۾ بحث کانپوءِ منظوري ٿيڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ کي پنهنجا معاملا پاڻ طئي ڪرڻا آهن، حڪومت جي مداخلت سان عدليا جي آزادي ختم ٿي ويندي.
Prev Post
You might also like