خبردار! کٽاڻ کائڻ جا شوقين ان جا نقصان ڄاڻي وٺن

ننڍي کنڊ ۾ کٽاڻ جي استعمال ۽ ان جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، ان جا ڪيترائي قسم هوندا آهن ۽ ذائقو به لاجواب هوندو آهي.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته کٽاڻ صحت لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار؟
ان حوالي سان صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه يقيني آهي ته کٽاڻ کي گهڻي وقت تائين ذخيرو ڪرڻ لاءِ لوڻ ۽ تيل جو وڏو مقدار گهربل هوندو آهي، تنهن ڪري اهو کائڻ سان صحت تي ناڪاري اثر به پئجي سگهن ٿا.
جيڪي ماڻهو وڌيڪ کٽاڻ کائيندا آهن، اهي پيٽ ۾ سوڄ، هاضمي جي مسئلن جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
کٽاڻ ۾ تيل وڌيڪ مقدار ۾ هجڻ سبب جسم ۾ ڪوليسٽرول وڌڻ جو خطرو هوندو آهي، جنهن سان وزن وڌندو.
اهو به چيو ويندو آهي ته وڌيڪ لوڻ سبب هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي مسئلن جو خطرو هوندو آهي، مطلب ته کٽاڻ وڌيڪ کائڻ سان مسئلا وڌي ويندا، تنهن ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي کٽاڻ جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.