ملتان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميمن جو مقصد رڳو حڪومت کي تحفظ ڏيڻ هو، چاهيون ٿا ته ادارا دائري ۾ رهي ڪم ڪن، هيءَ حڪومت هلندي نظر نه پئي اچي.
ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي چيو هو اڳ ۾ مسودو ڏيکاريو پوءِ ڳالهيون ٿينديون، شروعات ۾ حڪومت ڪو مسودو ڏيکارڻ لاءِ تيار نه هئي، مسودي جي هڪ نقل پ پ هڪ اسان کي ڏني وئي، يقين ناهي ته ٻئي ڪاپيون هڪ آهن.
هن چيو ته بلاول مون سان ملڻ آيو ته طئي ٿيو ٻئي پنهنجو پنهنجو مسودو تيار ڪنداسين، آئين هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندو آهي، ان ۾ معمولي ڇوٽ آهي، اها به ملٽري جي حوالي سان آهي پر هتي ته انساني حقن، بنيادي حقن جو دائرو محدود ڪيو ويو ۽ ملٽري جي ڪردار ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ادارن وچ ۾ طاقت جو توازن نه بگڙڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته ادارا پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، هيءَ حڪومت هلندي نظر نه پئي اچي.
Prev Post
You might also like