ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سائيٽ سپر هاءِ وي تي فائرنگ ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور مارجي ويو.
پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهو ڦر مزاحمت جو آهي يا وري ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي.
حليم عادل شيخ چيو ته مقتول شاهه نواز منهنجو ذاتي ڊرائيور هو ۽ وڏي عرصي کان مون سان گڏ هو.
هن ٻڌايو ته مقتول شاهه نواز جي عمر 45 سال هئي ۽ ان جو واسطو سانگهڙ سان هو، ان کان اڳ شاهه نواز جي پيءَ کي به قتل ڪيو ويو هو.
You might also like