چين ۾ طاقتور سامونڊي طوفان تباهي آڻي ڇڏي، لکين ماڻهو دربدر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر شنگهائي ۾ 75 ورهين جي طاقتور ترين سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي.
سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ گهلندڙ 151 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن وڻن، عمارتن جي درين ۽ اشتهاري بورڊن کي اڏائي ڇڏيو.
تيز طوفاني هوائن سبب روڊ تي هلندڙ ٽرڪ به اونڌي ٿي وئي، واٽهڙن وڻن ۽ ٿنڀن جو سهارو وٺي پاڻ کي اڏڻ کان بچايو.
سامونڊي طوفاني سبب 14 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.