ڪشمير ڄائي ڀارتي اداڪارا حنا خان ڪينسر جي علاج دوران فيشن شو ۾ ڪنوار جو عروسي لباس پائي ڪيٽ واٽ ڪري دليون کٽي ورتيون.
حنا خان هلندڙ سال جون ۾ تصديق ڪئي هئي ته ان ۾ بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ هن پنهنجو علاج شروع ڪرائي ڇڏيو آهي.
حنا خان ڪينسر جي سڃاڻپ کانپوءِ اسپتال مان ڪيموٿراپي سميت ٻئي علاج جي ايپ ڊيٽس به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي.
هاڻ حنا خان ڪينسر جي علاج دوران ئي فيشن شو ۾ عروسي لباس پائي ڪيٽ واڪ ڪئي، جنهن جي وڊيو هن انسٽاگرام تي به شيئر ڪئي.
اداڪارا لکيو ته مون لاءِ بيماري دوران اهو ڪرڻ آسان نه هو پر ان باوجود بهادري سان اهو ڪم ڪيو.
هن لکيو ته پيءُ سدائين مون کي بهادر ڇوڪري قرار ڏنو، هن روئڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته پنهنجي تڪليف ۽ مسئلن جي شڪايت ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ بهادري سان مقابلو ڪر.
اداڪارا جي ڪيٽ واڪ جي وڊيو وائرل ٿي وئي ۽ مداح کيس بهادر قرار ڏيندي خوبصورت به قرار ڏئي رهيا آهن.
You might also like