ڪراچي: بيرڪ مان اي ايس آءِ جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نبي بخش ٿاڻي جي بيرڪ مان اي ايس آءِ جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس اختيارين موجب 50 ورهين جي اي ايس آءِ غلام سرور جو نبي بخش ٿاڻي جي بيرڪ مان لاش مليو آهي، لاش 3 ڏينهن پراڻو آهي، جيڪو قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته اي ايس آءِ غلام سرور پريڊي انويسٽيگيشن ۾ مقرر هو، بيرڪ ٿاڻي جي ٻي ماڙ تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.