خليل جبران هڪ دفعي چيو هو ته ” ان ماڻهو مونکي لاجواب ڪري ڇڏيو جنهن مونکان پڇيو ” ته تون ڪير آهين پاڪستان جو هڪ ڊڪٽيٽر اڪثر چوندو هو ته ” میں کسی سے ڈرتا ورتا نہیں ہوں ” شايد ڪو خوف سندس لاشعور جو حصو بڻجي ويو هو. طاقت ۽ تڪبر، پرويز مشرف کي آپي مان ئي ڪڍي ڇڏيو.
بلوچستان جي علائقي سئي ۾ هڪ ڪئپٽن جي طرفان ڪيل ڏاڍائي کي انا جو مسئلو بڻائي
پرويز مشرف بلوچستان جي حالتن کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو. سنڌ ڄائي هڪ نياڻي سان ٿيل سراسر زيادتي تي بلوچستان جي هڪ سردار نواب اڪبر بگٽيءَ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي پر افسوس جو سنڌ صرف ڏسندي رهي.اڄ جو دور ۽ هڪ سردار جو ايڏو سگھارو ڪردار؟
80 سالن جي عمر ۾ جهڪڻ جي بدران پھاڙن جو رخ ڪري مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ سچ پچ ته صرف پھاڙ جهڙو پختو شخص ئي ڪري سگهجي ٿو. اڪبر خان بگٽي، هڪ پڙهيل ڳڙهيل سردار هو ، زندگي ۾ هن سياسي غلطيون به ڪيون ۽ ڪيترائي اڻ وڻندڙ عمل ۽ فيصلا به ڪيا ڪيا هوندا پر سر تري تي رکي زندگي جي آخري حصي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کيس بلوچستان جي تاريخ ۾ امر بنائي ڇڏيو.
ٻئي طرف پرويز مشرف تڪبر جو شڪار ٿي، سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. تڪبر پرديس تائين سندس پيچو ڪندو رهيو. تڪبر جي موت جو ڪهڙو افسوس ته ڪهڙو تڏو؟ .محترمه بي نظير ڀٽو سان هزارين اختلاف، هزارين شڪوه شڪايتون ، پھريائين ته موت هن جو پيڇو ڪندو رهيو پر پوءِ سنڌ ڄائي نياڻي پاڻ موت جو پيڇو ڪندي رهي. اسلام آباد جا ايوان ڪيڏا به ڪفارا ادا ڪندا آهن، مرگلا جون پھاڙيون ڪيڏيون ئي هنجون ڇو نه هارين پر ” مهين ” جي مٽي جا قرض لاهڻ هنن جي وس جي ڳالھه نه آهي.
بلوچستان نه ماتم ڪيو ۽ نه ماٺ ڪئي. سنڌ ماتم به ڪيو ۽ ماٺ به ڪئي. پرويز مشرف، ڌرتي جي ڌڪار ۽ انسانيت جي انڪار جو شڪار ٿي ويو. ڌرتي، ڌرتي آهي. بڻ بنياد آهي. ڄم آهي، موت آهي ڌرتي سڀ ڪجهه آهي پر ” متروڪ ملڪيت ” نه آهي. ڌرتي سڀني مذهبن، سڀني قبيلن، سڀني قومن ۽ سڄي انساني برادري جو بڻ بنياد آهي. سڀني مذهبن ۽ عقيدن کان مٿانهين آهي. سچ آهي، حقيقت آهي. حقيقت کان انڪار ڪبو ته حقيقت سامهون ٿيندي.
موت ، مهڻو ڪونهي. زندگي
مھڻو بڻائڻ اصل موت آهي.
انساني تاريخ ۾ اهي مرڻ کان اڳ مئل هوندا آهن جن جو موت پيڇو ڪندو آهي، ۽ اهي ئي زنده رهندا آهن جيڪي پاڻ موت جو پيڇو ڪندا آهن.هزارين اختلاف، پر جنهن نڌڻڪي طريقي سان ذوالفقار علي ڀٽي جي سڄي خاندان کي ختم ڪيو ويو يا مختلف سياسي ۽ قومي ڪارڪنن، نوجوانن ۽ شاگردن کي سنڌ ۾ جنهن بيدردي سان نشانو بنايو ويو، ڇا اهو سڀ ڪجهه ايئن وساري ويھي رھجي؟ يا وڌ ۾ وڌ ورسي جي موقعي تي ديڳيون کائي در گذر ڪندو رھجي؟
آخر جڏهن چئني پاسي چر پر ٿي رهي آهي ته اسان کي ڪنهن جو انتظار آهي؟
مقصد ڪا مهم جوئي ڪرڻ نه آهي ۽ نه ئي ھروڀرو ” آ بیل مجھے مار ” ڪنهن کي موقعو ڏيڻ آهي پر مستقبل جي ممڪن حالتن ، خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يا موقعي مان فائدو وٺڻ جي لاءِ گڏيل قيادت هيٺ منظم ٿيڻ ۽ عوام جو سهڪار ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙي خرابي آهي؟ پاڻ نه ته تنگ نظر يا تعصبي آهيون ۽ نه ئي ڪا نرالي راه تڪي رھيا آھيون. ” جيڪو سلوڪ پنهنجي لاءِ پسند ڪجي، ٻين سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪرڻ ” پنهنجو بنيادي مقصد ھجڻ گھرجي. ملڪ جي موجوده حالتن جي لاءِ پاڻ ذميوار آهيون ۽ پنهنجي هميشه اها خواهش ۽ ڪوشش رهي آهي ته ملڪ جون مجموعي حالتون بهتر ٿين
پر جيڪي قوتون ان جي لاءِ ذميوار آهن، اهي ان سلسلي ۾ پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ بلوچستان توڙي خيبرپختونخواه سميت ملڪ جون حالتون بهتر ڪرڻ جي بدران پرويز مشرف واري مائينڊ سيٽ جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ بضد آهن ته پوءِ مستقبل جي امڪاني خطرن ۽ موقعن کي ذهن ۾ رکي هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي ؟
ائين نه ٿئي جو ” میں ہمیشہ دیر کر دیتا ہوں ” واري صورتحال وري ڪنهن امتحان جي ور چاڙهي ڇڏي.
آخر جڏهن چئني پاسي چر پر ٿي رهي آهي ته اسان کي ڪنهن جو انتظار آهي؟ مقصد ڪا مهم جوئي ڪرڻ نه آهي ۽ نه ئي ھروڀرو ” آ بیل مجھے مار ” ڪنهن کي موقعو ڏيڻ آهي پر مستقبل جي ممڪن حالتن ، خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يا موقعي مان فائدو وٺڻ جي لاءِ گڏيل قيادت هيٺ منظم ٿيڻ ۽ عوام جو سهڪار ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙي خرابي، ان سلسلي ۾جيڪي قوتون موجود صورتحال جون ذميوار آهن سي پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ بلوچستان توڙي خيبرپختونخواه سميت ملڪ جون حالتون بهتر ڪرڻ جي بدران پرويز مشرف واري مائينڊ سيٽ جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ بضد آهن ته پوءِ مستقبل جي امڪاني خطرن ۽ موقعن کي ذهن ۾ رکي هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي