اتحادي جماعتن وزيراعظم کي آئيني ترميمن تي حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ ۽ اتحادي جماعتن جي ميمبرن کي آئيني ترميمن تي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز ظرفان طرفان پارليامينٽ ميمبرن کي ڊنر جي دعوت ڏني وئي، ان موقعي تي هن ميمبرن کي آئيني ترمين تي اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن موجب اتحادي جماعتن به وزيراعظم کي آئيني ترميمن تي حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن کي سڀاڻي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب حڪومت آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ ترميم جو به فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.