تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پنهنجي ريسرچ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏي، ايراني ميڊيا موجب خلا ۾ موڪليل سيٽلائيٽ تان سگنل وصول ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
مقامي ميڊيا جي رپورٽ موجب ايراني راڪيٽ ذريعي 60 ڪلو گرام وزني چمبران ون سيٽلائيٽ خلا ۾ رواني ڪئي وئي، سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جو مقصد اوچائي تي هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر سسٽم جي ٽيسٽنگ ڪرڻ آهي.
ايران هلندڙ سال جنوري ۾ به 3 سيٽلائيٽ خلا ۾ روانيون ڪيون هيون.
آمريڪا ايران جي سيٽلائيٽ لانچنگ کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي چڪو آهي.
آمريڪا ۽ اولهه ملڪن کي خدشو آهي ته سيٽلائيٽ پروگرام سان ايران بيلسٽڪ ميزائل ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائي رهيو آهي.
You might also like