سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري گهر موٽي اچڻ کانپوءِ پير ضرور ڌوئڻ گهرجن، جنهن سان صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
پير ڌوئڻ سان نه رڳو اهي مٽيءَ کان پاڪ ٿي ويندا پر بيڪٽيريا ۽ فنگل انفيڪشن کان به بچي ويندا، گڏوگڏ توهان کي ذهني ۽ جسماني سڪون به حاصل ٿيندو.
رات جو سمهڻ کان اڳ پير صاف ڪرڻ سان توهان جي ننڊ بهتر ٿي سگهي ٿي، ڇو ته پير ڌوئڻ سان سڄي ڏينهن جو ٿَڪ لهي ويو آهي ۽ پيرن کي لڳندڙ ٿڌو پاڻي ذهني سڪون به ڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ توهان سڪون جي ننڊ ڪندا آهيو.
ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان تيل جا ڪجهه ڦڙا پيرن تي لڳائي مالش ڪيو ته سڪون ملندو ۽ ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيندو.
صحت جي ماهرن موجب پيرن ۾ گهڻو پگهر ايندو آهي، جيڪڏهن توهان فنگل ۽ بيڪٽيريا انفيڪشن کان بچڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي پيرن جي صفائي جو خاص خيال رکو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پيرن کي باقاعدگي سان ڌوئڻ سان توهان جو ٿَڪ ختم ٿيندو آهي ۽ دماغ کي سڪون ملندو آهي، ان سان توهان جي رت به گردش به بهتر ٿيندي آهي.
You might also like