ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو عقيدت، محبت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، عالمن جي مشاورت سان جلوسن جي رستن تي انتظام ڪيا ويندا.
هن مڪاني ادارن کي جلوسن جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مسجدن ۾ پاڻي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، سيڪيورٽي جي انتظامن جي حوالي سان پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن.
مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي بنا وقفي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
You might also like