فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ڦر دوران عورت سان مبينا زيادتي جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب فيصل آباد جي علائقي ملت ٽائون ۾ ٻه ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي جو ڪيس عورت جي مڙس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب 2 جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي گهر واري کان 70 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ڪن جون واليون ڦريون.
ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هڪ جوابدار ڦر دوران زال سان زيادتي پڻ ڪئي، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا.