وي پي اين استعمال ڪندڙن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڄي ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪس (وي پي اين) کي بلاڪ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پلوشا خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ٻڌايو ته سوشل ميڊيا ايپس خلاف درخواستون اچي رهيون آهن.
همايون مهمند سوال ڪيو ته اسيمبلي ميمبر طور وي پي اين استمال ڪندس ته ڇا پاليسي جي لحاظ سان غلط آهيان؟ انوشا رحمان به سوال ڪيو ته دبئي ۽ چين ۾ انٽرنيٽ جي بندش کي ڪيئن مينج ڪيو پيو وڃي؟
ان تي پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته دبئي ۾ ماڻهو وي پي اين رجسٽرڊ ڪرائيندا آهن، اسان وٽ 20 هزار 500 ماڻهو وي پي اين تي رجسٽرڊ آهن.
حفيظ الرحمان چيو ته رجسٽريشن لاءِ مهم هلائي رهيا آهيون، پوءِ غير قانوني وي پي اين بلاڪ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.