اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان تحريڪ عمران سميت اڳواڻن جي آزادي لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تربيت ڪري، تنظيم کان سواءِ انقلاب نه ٿو اچي سگهي. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته هي حڪومت بي ايماني سان آئي آهي.حڪومت کي 10 ، 15 ڏينهن جي مهلت آهي، باني پي ٽي آءِ سميت سمورا اڳواڻ آزاد ڪيو. محمود خان اچڪزئي چيو ته تنظيم انقلاب جي بنيادي شرط آهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي پي ٽي آءِ سان محبت پنهنجي جاءِ تي پر تنظيم جو فقدان نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن اسٽيج تي ايندا آهيو ته ڪپڙا ڦاڙيا ويندا آهن، کيسا ڪٽيا وينديا آهن، اهڙي ميڙ انقلاب نٿو آڻي سگهي. اسلام آباد ۾ جلسي کي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سان گڏ ايندڙ هفتي پنجاب وڃڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ سنگجاني ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان ڪڏهن به نه جهڪندو ۽ آخري دم تائين وڙهندو. سندس چوڻ هو ته ڪابه جيل ايتري وڏي ناهي جو عمران خان جي روح کي قيد ڪري سگهي.اڳوڻي وزيراعظم جي جيل مان آزاد ٿيڻ بابت هن چيو ته تمام جلد عمران خان اسان جي وچ ۾ هوندو. انهن کي عدالت مان آزاد ڪرايو ويندو . پر عوام عمران خان ۽ اسان جي وچ ۾ ظلم جي ديوار کي ٽوڙي ڇڏيندو.قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهيب عامر ڊوگر چيو آهي ته اڄ جو اجلاس طاقتور حلقن لاءِ پيغام آهي، جيڪڏهن وفاق کي مضبوط رکڻو آهي ته عمران خان جي ضرورت آهي.صاحبزاده حامد رضا خان چيو ته اڄ عوام فيصلو ڏنو آهي ته رياست هي عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ به عوام آهي، هاڻي ان جي حڪمراني ٿيندي.هن چيو ته حڪمران چون ٿا ته عمران خان جو فوجي ٽرائل ٿيندو. عمران خان جو فوجي ٽرائل نه ٿيڻ ڏينداسين.هن چيو ته هي جلسو قاضي فائز عيسيٰ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ٿو.چيف جسٽس جي مدي ۾ اسان کي ڪنهن به قسم جي واڌ قبول ناهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته روڊن تي نڪرنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته حڪومت چاهي جيترا ڪنٽينر لڳائڻ جو فيصلو ڪري ، اسان روڪڻ وارا نه آهيون. هڪ هفتي اندر پنجاب وينداسين. علي امين گنڊاپور ان حوالي سان اعلان ڪندو.ريلي کي خطاب ڪندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته حڪومت ريلي ۾ شرڪت کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن. پر ان باوجود عمران خان جا مداح انهن رڪاوٽن کي هٽائي جلسي گاهه پهچي ويا، جلسي کي خطاب ڪندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته حڪومت جلسي ۾ شرڪت کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن. پر ان باوجود عمران خان جا مداح انهن رڪاوٽن کي هٽائي جلسي گاهه پهتا، هن چيو ته حڪومت جا ماڻهو دعويٰ ڪندا هئا ته 8 سيپٽمبر تي ڪو به جلسو نه ٿيندو. پر انهن ڏٺو آهي ته جلسو ڪري ڏيکاريو آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر علي محمد خان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مراد سعيد، قاسم سوري ۽ شهريار آفريدي اڄ جلسي ۾ موجود نه آهن. اهي ڇو سامهون نٿا اچي سگهن، ڇا سچ ڳالهائڻ ڏوهه آهي؟.
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي علائقي سنگجاني جي ڍور منڊي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور حڪومت کي عمران خان جي آزادي لاءِ 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي.خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور قافلي سميت جلسي گاهه پهتو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پختون خواهه عوام پنهنجي مينڊيٽ کي طاقت جي زور تي چوري ٿيڻ نه ڏنو، ظالم حڪمران خلاف آواز اٿارڻ جهاد آهي، هن چيو ته اين آر او ڏيڻ وارا هارائي ويا، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهڻ باوجود مخالفن کي شڪست ڏني، قوم خوف جو بت ٽوڙي ڇڏيو، اين او سي ملي يا نه ملي ايندڙ جلسو لاهور ۾ ٿيندو،هن چيو ته عمران خان جي وڪيلن ٻڌايو ته عمران خان جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، جيڪڏهن هڪ کان ٻن هفتن ۾ عمران خان کي قانوني طور آزاد نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان کيس پاڻ آزاد ڪنداسين،
مان توهان جي اڳواڻي ڪندس ۽ پهرين گولي مان کائيندس .
اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ٽڪراءُ، شيلنگ ۽ پٿراءُ، ڪيترائي اهلڪار زخمي
اسلام آباد (م ڊ): اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ آيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون ٿي ويون. 26 نمبر چوڪي تي ريلي ۾ آيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کين مليل روٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پوليس کين روڪيو ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس موبائل ۽ پوليس وين تي حملو ڪيو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءُ سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس به جوابي شيلنگ ڪئي. پوليس ترجمان موجب روٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي سخت پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ ايس ايس پي سيف سٽي ۽ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلام آباد پوليس ۽ ايف سي جا اٽالا گهرائي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو.26 نمبر چوڪيءَ تي اضافي ايف سي ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آءِ جي اسلام آباد کان پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ پوليس تي پٿراءَ جي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير محسن نقوي زخمي ايس ايس پي شعيب خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي. گهرو وزير زخمي پوليس اهلڪارن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تنظيم کان سواءِ انقلاب نه ٿو اچي سگهي:محمود اچڪزئي
اسلام آباد( م ڊ) مخالف ڌر جي جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته هي حڪومت بي ايماني سان آئي آهي، 15 ڏينهن اندر باني پي ٽي آءِ سميت سمورا اڳواڻ آزاد نه ڪيا ويا ته هر ضلعي اندر تحريڪ هلائي ويندي. اسٽيج تي ڪپڙا ڦاٽي وڃن ٿا پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تربيت ڪري. هن چيو ته ووٽ ذريعي انقلاب اچي چڪو آهي، حڪومت خلاف هر ضلعي ۾ تحريڪ شروع ٿي ويندي.
فيض حميد رٽائرمنٽ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سياست ۾ ملوث نڪتو
اسلام آباد (م ڊ) سرڪاري ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد رٽائرمنٽ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سياست ۾ گهڻو ملوث هو. اڳوڻو جنرل پي ٽي آءِ قيادت کي مشورو ڏيندو هو ته پارٽي کي سياسي طور تي ڪيئن فعال بڻايو وڃي، جنرل فيض ۽ عمران خان وچ ۾ مختلف چينلز ذريعي رابطا به ٿيندا رهيا، جن ۾ جيل جي عملي جا ڪجهه ميمبر به شامل هئا. ذريعن موجب جيل عملي جا ڪجهه ميمبر اڳ ئي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن، جنهن مان فيض عمران جي لاڳاپن ۽ سندن وچ ۾ اڻ سڌي طرح رابطي جي تصديق ٿئي ٿي. حڪمران پارٽي جي اڳواڻن جي بيانن جي ابتڙ، ڪنهن به اڃا تائين 9 مئي جي حملن ۾ جنرل فيض جي ملوث ٿيڻ يا فوج ۾ بغاوت جي ڪنهن به ڪوشش جي تصديق ه ڪئي آهي. جنرل فيض حميد گذريل ٻن سالن دوران فوج ۽ ان جي اعلي’ قيادت جو نشانو بڻائڻ واري پارٽي پي ٽي آءِ سان سياسي لاڳاپن ۾ ملوث ڏٺو ويو آهي. آرمي ايڪٽ تحت جنرل فيض کي رٽائرمنٽ کانپوءِ پنجن سالن تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هئي پر هن پابندي جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن جا هڪ سياسي پارٽي ۽ ان جي اعلي قيادت سان رابطا هئا. جنرل فيض جي گرفتاري کان ڪجهه ڏينهن پوءِ انڪشاف ڪيو ته فيض حميد ۽ عمران خان 9 مئي ۽ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ به ”ڪيترن ئي چينلز“ ذريعي رابطي ۾ هئا. فوجي اختيارين جنرل فيض کي رٽائرمنٽ کانپوءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا تنبيهه به ڪئي هئي پر هو پنهنجي سرگرمين کان نه مڙيو. عمران خان اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه سان لاڳاپن بابت ٻڌايو هو ته جڏهن کان جنرل فيض کي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان هٽايو ويو آهي، تڏهن کان هن سان رابطو ناهي رهيو. هن دعويٰ ڪئي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ جنرل ”زيرو“ ٿي ويندو آهي. عمران خان جي ابتڙ پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن تصديق ڪئي ته هو رٽائرمنٽ کانپوءِ جنرل فيض سان ڳالھه ٻولهه ڪندو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فيض سان سندس ڳالهه ٻولهه سماجي معاملن تي ٿيندي هئي ۽ ان جو سياست سان ڪو به تعلق نه هو.
پي ٽي آءِ جلسي ۾ رنڊڪ باوجود 10 هزار کان مٿي ماڻهو پهتا
اسلام آباد (عمر چيما) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ مختلف هنڌن تي پابنديون ۽ ڪنٽينر هڻڻ جي باوجود وڏي انگ ۾ ماڻهن جلسي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 12 کان 15 هزار ماڻهو جلسي واري هنڌ پهتا. هاڻي جلسو ته نه ٿي سگهيو پر مختلف هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون. پشاور کان ايندڙ قافلن سان اها صورتحال وڌيڪ رهي. علي امين گنڊاپور جي قافلي سان ايندڙ ڪرين پوليس جي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي ته چڪريون ٿي پيون. پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پوليس شيلنگ ڪئي. ڪجهه اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن. ان تي رينجرز ۽ ايف سي به طلب ڪئي وئي. ان کان اڳ ڊي سي نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو هو ته 7 وڳي تائين جلسو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي ڪري انتظاميا ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي عارف علوي جلسي جي حوالي سان هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي جنهن تي تنقيد کانپوءِ هن معذرت ڪندي چيو ته فيڪ نيوز تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي.
راڻا ثناءُ الله عمران خان کي اسرائيلي سياسي برانڊ قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي اسرائيلي سياسي برانڊ قرار ڏئي ڇڏيو.راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽائمز آف اسرائيل پاڪستان ۾ انقلاب ۽ تبديلي جي حقيقت پڌري ڪري ڇڏي آهي، ان انڪشاف کانپوءِ 9 مئي تي حملن جي منصوبابندي ۽ سبب وڌيڪ واضح ٿي ويا آهن.هن چيو ته فارن فنڊنگ ۽ سماجي خدمت هڪ منصوبي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد پاڪستان جي اسلامي، نظرياتي سوچ ۽ پرڏيهي پاليسي کي تبديل ڪرڻ آهي.راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف کي اقتدار تان هٽائڻ جي سموري ڪهاڻي اسرائيلي اخبار جو آرٽيڪل پڙهي سمجهي سگهجي ٿي، اسرائيل مهري وانگر پي ٽي آءِ جي باني جي حق ۾ بيان ڇو ڏنو، آمريڪي ڪانگريس مان قرارداد ڇو پاس ڪئي وئي. ان جو سڀ راز سامهون اچي ويا آهن ، وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته پي ٽي آءِ اسرائيلي برانڊ آهي جنهن کي اسلامي ٽچ ڏئي مسلمانن ۾ مقبول بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پاڪستان سميت هر مسلمان کي فلسطينين جي قاتل اسرائيل جو سياسي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ جو جلسو ڪامياب هو، حڪومت ڊنل هئي
اسلام آباد (مطيع الله جان) پي ٽي آءِ جي جلسي تي تنقيد ڪئي پئي ته اهو جلسو نه جلسي آهي پر جيڪڏهن حڪومت ۾ شامل پارٽيون به جلسو ڪن ته انهن جي جلسن ۾ ماڻهن ۾ ايترو جوش جذبو نه هوندو. ٻيو ته پي ٽي آءِ جو اڳواڻ عمران خان جيل ۾ آهي جڏهن ته ٻين پارٽين جا اڳواڻ ٻاهر آهن. هي وڏو جلسو هو، عمران خان ٻاهر هجي ها ته اڃا وڏو جلسو هجي ها. هاڻي ڪارڪنن کي همٿائڻ وارو رواج ناهي رهيو. جلسي کان اڳ رستن کي ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو. رڳو ڪنٽينرن جو ڄار وڇايو ويو ڄڻ ڪو وڏو واقعو ٿيڻ وارو هو، دشمن ملڪ جي حملي ۾ اسلام آباد تي قبضو ٿيڻو هجي. اڄوڪي دور ۾ نوجوانن کي بيوقوف بڻائڻ ڏکيو آهي، هي پي ٽي آءِ جو ڪامياب جلسو هو، موجوده حڪومت جلسي کان ڊنل هئي ۽ رنڊڪن باوجود ماڻهو پهتا. ميڊيا تي رڳو وزيرن جا بيان هلي رهيا آهن. شام کانپوءِ جا فوٽيج ناهن ڏيکاريا ويا. پوليس پاران ڪيل شيلنگ جي حوالي سان ڪي خبرون ناهن ڏنيون ويون. سنگجاني ۾ جلسي گاهه آهي جلسي واري هنڌ مال پڙي به لڳندي آهي ۽ سياستدانن ۾ اخلاقيات ناهي رهي، اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ماڻهن کي هڪلي آندو پيو وڃي. اوهان کي خبر آهي ته انسانن کي نه جانورن کي هڪليو ويندو آهي. اهو مناسب ناهي. اهڙو بيان عمران خان به پنهنجي اقتدار جي دور ۾ ڏنو هو. حڪومت جلسو ان ڪري روڪي رهي هئي ته اهڙن جلسن سان ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿيندي آهي ۽ اڳواڻن کي مايوسي ڏانهن ڌڪڻ حڪومت، رياست ۽ انتظاميا ۽ جي ڪوشش هئي. جلسو ڪرڻ جي سزا 3 سال واري قانون تي صدر صحيح ڪئي آهي يعنيٰ هاڻي پيپلزپارٽي جو به هاڻي حال ناهي رهيو. سڄي اسلام آباد کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو. سياسي معيار ڪڌو ٿي ويو آهي.