ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان صوبن جو آواز دٻجي ويندو : سنڌ آبادگار بورڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميمن جي نتيجي ۾ صوبائي هم آهنگي متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ آبادگار بورڊ ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميمن جي سخت مخالفت  ڪندي انھن ترميمن جو فيصلو فوري طور تي  واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھ، محمد ملوڪ نظاماڻي، سرفراز جوڻيجو، عرفان جتوئي، محمد اسلم مري، عمران بوزدار، محمد طاها ميمڻ، مسرور سومرو، يار محمد لغاري، محمد اسلم بلوچ،  اسد علي شاھ، احسن ارباب، مراد علي شاھ بڪيرائي، مصطفيٰ نواز شاھ، سرمد بشير نظاماڻي، شاھنواز برماڻي، عمران احمد کيڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميمن ۽ موسمياتي تبديلين سميت زراعت جي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ حڪومت جي تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته تجويز ڪيل ترميمن ۾ سمورا اختيار رڳو چيئرمين کي ملندي نظر اچن ٿا، جيڪو آبپاشي توڙي ھائيڊرولاجي جو ماهر نه هوندو ۽ نه ان کي لاڳاپيل معاملن ۾ ڪو تجربو هوندو. جنهن طريقي سان ان جي جوڙجڪ جي تجويز ڏني پئي وڃي ان سان فيصلا ڪرڻ ۾ صوبن جو آواز دٻجي ويندو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته تجويز ڪيل ترميمن ۾ سمورا اختيار رڳو چيئرمين کي ملندي نظر اچن ٿا، جيڪو آبپاشي توڙي ھائيڊرولاجي جو ماهر نه هوندو ۽ نه ان کي لاڳاپيل معاملن ۾ ڪو تجربو هوندو. جنهن طريقي سان ان جي جوڙجڪ جي تجويز ڏني پئي وڃي ان سان فيصلا ڪرڻ ۾ صوبن جو آواز دٻجي ويندو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ارسا ايڪٽ پاڻي جي 1991ع واري معاھدي موجب عمل ۾ آيو، جنھن جو مقصد رڳو پاڻي جي 1991ع واري معاھدي تي عمل ڪرائڻ آهي. اھو معاھدو پاڻي جي استعمال بابت مختلف صوبن ۾ ڏهاڪن جي اختلافن کان پوءِ سمورن صوبن جي اتفاق ۽ صحيحن سان  ڪيو ويو. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته پاڻي جي معاهدي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ صوبائي هم آهنگي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. ارسا ۾ اختلافن جي صورت ۾ بحث لاءِ ٻيو وڏو فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل آهي، جيڪو هڪ اهم آئيني ادارو آهي جتي فيصلو ڪرڻ ۾ صوبن جي راءِ کي اھميت ڏني وڃي ٿي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي ڪوششن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پاڻي جي ورڇ تي عمل درآمد بابت اڳ ئي اعتراض موجود آهن، موجوده ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ذريعي وفاقي حڪومت جي من پسند فيصلن تي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ سان مسئلن ۽ چئلينجن ۾ واڌ  ٿيندي. سنڌ آبادگار مطالبو ڪيو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ تازين برساتن سبب زراعت تي پيل اثرن ۽ نقصانن جو پڻ جائزو ورتوويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته برساتن سان وونڻن، سارين بصر، ٽماٽن ۽ ٻين ڀاڄين کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. بدين ۽ ميرپورخاص جا ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن. پھرين گرمي جي لهر، ۽ پوءِ برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري پوک کي سخت نقصان پھتو. سنڌ ۾ وونڻن جي پوک هن وقت تائين 50 سيڪڙو متاثر ٿي آهي، آڳاٽين سارين جا ٻيجارا سڙي تباھ ٿي ويا، جنهن ڪري سارين جي پيداوار متاثر ٿيندي. آبادگارن جو چوڻ هو ته گذريل سال ڦٽين جو سرڪاري اگھ 8500 روپيا في مڻ مقرر ٿيل ھو جنھن کان پوءِ پيداواري خرچن ۾ واڌ ٿي وئي آهي پر ڦٽين جو اگھ  5500 کان 6500 روپين تائين ملي رھيو آھي . 03

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.