ڀلوڙ آل رائونڊر معين علي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر معين علي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
معين علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان اڳ ئي رٽائر ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هاڻ هن هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ معين علي چيو ته ما 37 سالن جو ٿي ويو آهيان، آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ ناهي چونڊيو ويو، مان انگلينڊ لاءِ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، هاڻ نئين نسل جو وقت آهي، ان جو مون کي ٻڌايو ويو آهي.
سندس موجب مان محسوس ڪيو ته هي مناسب وقت آهي، مان پنهنجو حصو پورو ڪيو آهي، توڙي جو مان رٽائر ٿي رهيو آهيان پر محسوس نٿو ڪيان ته مان تمام گهڻو سٺو ناهيان.
معين علي چيو ته مان وڌيڪ کيڏي سگهان ٿو پر سمجهان ٿو ته ٽيم کي هڪ ٻئي سرڪل ۾ اڳتي وڌڻو آهي، مون کي انگلينڊ طرفان کيڏڻ تي سدائين فخر رهيو آهي.
واضح رهي ته معين علي 68 ٽيسٽ، 138 ون ڊي ۽ 92 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.