راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ افغان سرحد تي بنا سبب جارحيت ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ افغان سرحد وٽ افغان علائقي پلوسين مان پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته افغان طالبان طرفان ڳرن هٿيارن سان بنا سبب فائرنگ 7 سيپٽمبر جي صبح ڪئي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فوج جي جوابي فائرنگ سان افغان طالبان کي وڏو نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 8 افغان طالبان مارجي ويا ۽ 16 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، مارجي ويلن ۾ افغان طالبان جا ٻه اهم ڪمانڊر خليل ۽ جان محمد به شامل آهن.
پاڪ افغان سرحد تي بنا سبب جارحيت، پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ 8 طالبان مارجي ويا
You might also like