”شاهه رخ وانگر ايڏي مشهور ٿيان جو ماڻهو مون لاءِ چريا هجن“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي بولڊ لباس سبب سدائين تڪرارن ۾ رهندڙ اداڪارا ۽ ماڊل عرفي جاويد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جهڙي مقبوليت حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ عرفي جاويد چئي رهي آهي ته شاهه رخ خان اهو اداڪار آهي، جنهن کي ڪڏهن به فلم جي مشهوري ناهي ڪرڻي پوندي، ان باوجود سندس فلم هڪ هزار ڪروڙ رپيا ڪمائي ويندي آهي.
هن چيو ته شاهه رخ خان بينچ مارڪ آهي، ان جو نالو ئي ڪافي آهي، هو نه ايونٽ ڪندو آهي ۽ نه مشهوري ڪندو آهي، بس ان جون فلمون پاڻ ئي ڪمائڻ لڳنديون آهن، جنهن جو سبب ان جي شهرت آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي نظر ۾ مقبوليت ان جو ئي نالو آهي، جيڪا شاهه رخ خان کي مليل آهي، هر اداڪار کي شاهه رخ خان جهڙي مقبوليت کان هيٺ ڳالهه ئي نه ڪرڻ گهرجي ۽ هر ڪنهن کي اهڙي ئي شهرت کپي ٿي.
عرفي جاويد چيو ته شاهه رخ جي مقبوليت ڏسي اندازو ٿيندو آهي ته ماڻهو ان لاءِ ڪيترا چريا هوندا آهن ۽ مون کي به اهڙي ئي شهرت گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.