مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز کان ٻاهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش فاسٽ بالر مارڪ ووڊ انجريءَ سبب پاڪستان خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب مارڪ ووڊ ان سال وڌي ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو.
اي سي بي جو چوڻ آهي ته مارڪ ووڊ انگلينڊ جي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ دوري ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته هو ايندڙ سال پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ واپسي لاءِ پراميد آهي.
واضح رهي ته مارڪ ووڊ هن سال ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ انجريءَ جو شڪار ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.