وفاق جي ماتحت ادارن ۾ 3 سالن کان خالي جايون ختم، نين گاڏين جي خريداري تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سرڪاري خرچ گهٽائڻ لاءِ قدمن جو فيصلو ڪري ورتو ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت بچت لاءِ سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ ٽن سالن کان خالي جايون ختم ٿي وينديون.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال کان وڌيڪ عارضي ڀرتين کانسواءِ ڪا نئين ڀرتي نه ٿيندي ۽ سرڪاري خرچ تي ٻاهرئين ملڪ علاج تي به مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي.
ان کانسواءِ حڪومتي خرچن تي ٻاهرين دورن ۽ هر قسم جي نين گاڏين جي خريداري تي به مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايمبولينس، طبي امداد بابت ۽ تعليمي ادارن لاءِ بسن جي خريداري تي ڇوٽ هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر قسم جي نئين مشينري ۽ سامان جي خريداري تي به پابندي لاڳو هوندي پر اسپتالن، ليبارٽرين، زراعت، اسڪولن لاءِ مشينري ۽ سامان جي خريداري ٿي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.