پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ زاهد خان سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
زاهد خان چيو ته هڪ نظريي ۽ سوچ سان سياست ڪري رهيو هيس پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪا سياست هلي رهي آهي، ان ۾ نظريا ڪٿي ناهن.
هن چيو ته اسان سياست ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، موجوده حالتن ۾ وڌيڪ سياست نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته مستقبل جو فيصلو پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان مشاورت کانپوءِ ڪندس.
Prev Post
You might also like