آپگهات لاءِ عمارت تان ٽپو ڏيندڙ ڇوڪري واٽهڙو عورت تي ڪِري پئي، ٻئي فوت

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي شهر يوڪاهاما ۾ آپگهات ڪرڻ لاءِ شاپنگ سينٽر جي ڇت تان ٽپو ڏيندڙ ڇوڪري هيٺ واٽهڙو عورت تي ڪِري پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 17 ورهين جي شاگردياڻي يوڪوهاما جي شاپنگ سينٽر جي عمارت تان ٽپو ڏنو ته هوءَ هيٽ موجود 32 ورهين جي واٽهڙو عورت مٿان ڪِري پئي، جيڪا پنهنجي دوستن سان گڏ وڃي رهي هئي.
واقعي کانپوءِ ٻنهي کي اسپتال پهچايو ويو، جتي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ شاگردياڻي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٿوري دير ۾ ٻي عورت به دم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.