حڪومت سرڪاري ملازمن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سرڪاري ملازمن کي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سرڪاري ملازمن لاءِ آفيس ميمورنڊم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رولز تحت ڪو سرڪاري ملازم حڪومت جي اجازت بنا ڪنهن ميڊيا پليٽ فارم تي نٿو ڳالهائي سگهي، سرڪاري ملازم ڪو سرڪاري دستاويز يا ڄاڻ غير لاڳاپيل ملازم، شهري يا پريس سان شيئر نٿا ڪري سگهن.
آفيس ميمورنڊم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا اهڙي راءِ يا حقيقتون بيان نٿا ڪري سگهن، جنهن سان حڪومت جي ساک متاثر ٿئي، سرڪاري ملازمن کي حڪومتي پاليسي، فيصلن، ملڪ جي خود مختياري، عزت ۽ وقار خلاف ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.
خط موجب سرڪاري ملازم ميڊيا تي ڪا اهڙي ڳالهه نٿا ڪري سگهن، جنهن سان ٻين ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿين، نه ئي سرڪاري ملازمن کي پنهنجي غير جانبداري برقرار رکندي سوشل ميڊيا تي ڪنهن بحث ۾ راءِ ڏيڻ جي اجازت آهي.
خط ۾ سرڪاري ملازمن کي چيو ويو آهي ته سمورن سروسز گروپس سان واسطو رکندڙ سرڪاري ملازم هدايتن تي عملدرآمد جا پابند آهن ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙي تي لاڳاپيل ملازمن خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
خط موجب سرڪاري ادارا پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ لاءِ مسلسل نگراني ڪندا رهن ۽ سمورا وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، کاتن جا سربراهه ۽ چيف سيڪريٽري هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هدايتن جو مقصد سوشل ميڊيا جي هاڪاري استعمال تي پابنديون لڳائڻ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.