12 ربيع الاول ڪڏهن ٿيندي؟ امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 4 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ اجلاس جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيندا.
اجلا س۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت اعلان ڪيو ويندو، جيڪڏهن 4 سيپٽمبر اربع تي چنڊ نظر اچي ويو ته 12 ربيع الاول 16 سيپٽمبر سومر تي ٿيندي، جڏهن ته چنڊ نظر نه اچڻ جي صورت ۾ عيد ميلادالنبي صه 17 سيپٽمبر سومر تي ملهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.