ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس پنهنجي نئين ڀارتي ويب سيريز ” آءِ سي 814: دي قنڌار هاءِ جيڪ “ تي تڪرار جي ور چڙهي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اِهو تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سيريز ۾ هاءِ جيڪرز جي سڃاڻپ جي حوالي سان غلط معلومات پکيڙي وئي.
ان ڏس ۾ ڀارتي سڌ سماءُ واري وزارت نيٽ فلڪس جي مواد جي سربراهه کي واريل اعتراضن تي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ ٽي سپٽيمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته انوڀوَ سنها جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل ويب سيريز 1999 ۾ ڀارتي ائيرلائينز جي فلائيٽ 814 جي حقيقي هاءِ جيڪنگ واقعي تي آڌاريل آهي.
You might also like