درفشان جي مقبوليت ۾ واڌ، هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا درفشان سليم مقبوليت ۾ هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، ان جا انسٽاگرام تي 5 ملين فالوئرز ٿي ويا آهن.
اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڪيڪ تي 5 ملين لکيل آهي، جڏهن ته گڏ گلدستو به موجود آهي.
درفشان 5 ملين فالوئر ٿيڻ تي مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي لاءِ دعائن جي درخواست به ڪئي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 14.8 ملين انسٽاگرام فالوئرز هانيا عامر جا آهن، جڏهن ته عائزا خان ٻئي نمبر تي آهي، جنهن جي فالوئرز جو انگ 14.2 ملين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.