درفشان جي مقبوليت ۾ واڌ، هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا درفشان سليم مقبوليت ۾ هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، ان جا انسٽاگرام تي 5 ملين فالوئرز ٿي ويا آهن.
اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڪيڪ تي 5 ملين لکيل آهي، جڏهن ته گڏ گلدستو به موجود آهي.
درفشان 5 ملين فالوئر ٿيڻ تي مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي لاءِ دعائن جي درخواست به ڪئي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 14.8 ملين انسٽاگرام فالوئرز هانيا عامر جا آهن، جڏهن ته عائزا خان ٻئي نمبر تي آهي، جنهن جي فالوئرز جو انگ 14.2 ملين آهي.

You might also like