ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هڪ شاپنگ مال ۾ ان وقت خلق ٽٽي پئي جڏهن شاپنگ مال ۾ ڊريم بازار نالي هڪ اسٽور جو افتتاح ڪيو ويو جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته هو 50 رپين کان هڪ هزار رپين ۾ برانڊڊ ڪپڙا به وڪرو ڪري رهيا آهن.
گذريل ڏينهن اهو واقعو پيش آيو جنهن دوران شاپنگ مال ۾ پيهه سبب ڀڃ ڊاهه به ٿي ۽ روڊ تي خلق نظر آئي جنهن کانپوءِ اسٽور کي ئي بند ڪرڻو پيو ۽ پوءِ اسٽور اعلان ڪيو ته هو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان کي کوليندا.
اصل ۾ هڪ پاسي برساتن، طوفاني الرٽ ڏنا ويا هئا ته ٻئي پاسي خريداري لاءِ خلق ٽٽي پوڻ عجيب آهي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار به تبصرا ڪري رهيا آهن.
ان اسٽور لاءِ سوشل ميڊيا خاص طور تي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز آيون هيون جنهن ڪري ان هنگامي حالتن جو سبب سوشل ميڊيا جي مشهوري کي به چئي سگهجي ٿو.